حمزه شهباز جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور هاءِ پنجاب جي اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اسجد جاويد گُهرال تي مشتمل بينچ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد مني لانڊرنگ ۽ آمدن کان وڌيڪ اثاٿن واري ڪيسن ۾ هڪ هڪ ڪروڙ ي مچلڪن عيوض سندس ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نيب جي سينئر وڪيل فيصل بخاري ضمانت جي مخالفت ڪئي. ياد رهي ته حمزه شهباز کي آمدن کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ 11 جون 2019 تي نيب گرفتار ڪيو هو. نيب سندس خاندان ت 8 ارب روپين جي مني لانڊرنگ جو الزام لڳايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو