عدالتن جو احترام ختم ٿيڻ سان انقلاب ايندو آهي، چيف جسٽس

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس قاسم خان چيو آهي جتي عدالتن جو احترام ختم ٿي وڃي اتي خوني انقلاب ايندو آهي، هاءِ ڪورٽ بار راولپنڊي طرفان جسٽس طارق عباسي ۽ جسٽس مشتاق جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد قاسم خان جو چوڻ هو ته مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن کي فوري انصاف ڏيڻو پوندو، وقت بدلجي چڪو آهي، هاڻي تعليم يافته ۽ معاشي طور تي مضبوط ماڻهو انصاف جي لاءِ عدالتن جو رخ ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو آهي ته ڪيسز ۾ هرو ڀرو تاريخ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ريڊر جي ذريعي اکيون بند ڪري ڏيڍ يا ٻه مهينا تاريخ نه ڏني وڃي، جيڪو جج پنهنجي ذميواري صحيح ادا ڪندي نظر نه آيو ته ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو