ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سينيما جو وڏو ايوارڊ ‘دادا صاحب فالڪي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ايوارڊ 2021’ گذريل سال خود ڪشي ڪندڙ ڀارتي اداڪار آنجهاني سشانت سنگهه کي ڏنو ويو. ممبئي ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ بهترين ايڪٽر جو ايوارڊ سندس نالي ڪيو ويو. شري سشانت سنگهه 2008 ۾ شوبز يريئر جي شروعات ٽي وي سيريل مان ڪئي ۽ 2013 ۾ بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو ۽ فلم ‘ڪائي پوچي’ ۾ بهترين اداڪاري ڪري شهرت حاصل ڪئي. 14 جون 2020 تي هو پنهنجي فليٽ ۾ مردو حالت ۾ مليو هو. ڀارتي ميڊيا موجب هو گرل فرينڊ جر بيوفائي سبب ڊپريشن جو شڪار هو










