پي آءِ اي جو بزنس پلان جوڙڻ لاءَ ٽيم پهچي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي آءِ اي کي پروفيشنل ۽ تجارتي بنيادن تي هلائڻ لاءِ ڪارپوريٽ بزنس پلان ٺاهڻ لاءِ بين الاقوامي ماهرن جي 4 رڪني ٽيم اڄ پاڪستان پهتي آهي.ٽيم ڊاڪٽر عشرت حسين جي دعوت تي آئي آهي جيڪا واسطيدار سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪري 12 ڏينهن جي قيم دوران ڪارپوريٽ بزنس پلان جوڙيندي. هو اداري جي نئين سر تنظيمي ڍانچي ۽ پي آءِ اي کي پروفيشنل بنيادن تي هلائڻ لاءِ تجويزون ڏيندا.ياد رهي ته پي آءِ اي ان مقصد لاءِ 2019 ۾ ٽينڊر به ڏنو هو پر معاملو اڳتي وڌي نه سگهيو هو. مقامي ماهرن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي تباهي جو بنياد سياسي ڀرتيون آهن جيڪي سربراه کان هيٺ تائين ٿين ٿيون ۽ ريٽائرڊ فوجي ڀرتي ڪيا وڃن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو