ملير پوليس هٿان قبضا گير ۽ منشيات فروش گرفتار

ملير پوليس هٿان قبضا گير ۽ منشيات فروش گرفتار

ملير (رپورٽ شهزادو مستويي)بن قاسم ٽائون ٿاڻي جي حد شاهه ٽائون داتا نگر ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهڙو فائرنگ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو اطلاع تي پوليس پهچي جهڙو ٽاريو ڌريون ٿاڻي طلب ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پلاٽ مالڪ در محمد چيو ته بااثر اخلاق عباسي پلاٽ جي تعمير لاءِ غيرقانوني طور تي 2 لک رپيا ڀتو گهري رهيو هو اعتراض تي بااثر اخلاق عباسي جي پٽ ذيشان عباسي ۽ سندس سڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري ڏني هن وڌيڪ چيو ته بااثر هر غريب مسڪين ماڻهن کان گهر اڏاوت جي مد ۾ ٻه کان ٽي لک رپيا وٺندا آهن نه ڏيندڙ ماڻهن کي پنهنجي سڪيورٽي گارڊ ۽ هٿيارن ذريعي هراسا ڪري جبري رقم اوڳاڙيندا آهن ٻئي پاسي پوليس طرفان جهڙي جي ڪيس ۾ اخلاق عباسي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ ڪيل هٿيارن جا لائسنس پيش نه ڪرڻ تي پوليس غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ذيشان عباسي نعمان قاسم گل سميت ٽي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن جي قبضي مان بنا لائسنس وارا ٻه پسٽل هٿ آيا آهن. ٻئي پاسي ملير ۾ ايس ايچ او شاهه لطيف محمد علي شاهه جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون 5 منشيات فروش گرفتار جوابدارن جي قبضي مان منشيات ۽ روڪ رقم هٿ، ملير ۾ ايس ايچ او شاھ لطيف ايندي ئي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو.گرفتار جوابدار ملير جي مختلف علائقن ۾ منشيات جي خريد فروخت ڪندا هئا جوابدارن جي سڃاڻپ رستم، زمان، عمران، فقير ، محمد لقمان طور ٿي گرفتار جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري تفتيش آفيسرن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو