ٻارن ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجڻ ۽ شدت گهٽ هجي ٿي

يروشلم(ويب ديسڪ) سائنسدانن نئين تحقيق بعد ٻڌايو آهي ته وڏي عمر جي بالغ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻارن ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجڻ جي شرح 50 سيڪڙو گهٽ آهي. اسرائيل ۾ ڪيل تحقيق دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته 20 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن ۾ وائرس ڦهلجڻ جو انديشو ان کان وڏي عمر جي ماڻهن ۾ گهٽ آهي. هيلٿ لائن ڊاٽ ڪام جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن 20 سالن کان گهٽ عمر وارن م ڪورونا ڦهلجي به ٿو ته ان جي شدت گهٽ هوندي آهي. اسرائيل جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 637 گهراڻن جي ماڻهن جي ڊيٽا تي تحقيق بعد اها ڳالهه سامهون آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو