نامعلوم چور دوڪان جي ڇت ٽوڙي سامان کڻي ويا

نامعلوم چور دوڪان جي ڇت ٽوڙي سامان کڻي ويا

ٻيلو شھر(رپورٽ شعيب الرحمان)نامعلوم چور واپاري عبدالقادر ملاح جي ريزڪي دوڪان جي ڇت ٽوڙي دڪان مان ٽيهه ھزار جو قيمتي سامان ۽ ويهه ھزار روڪ رقم  کڻي ويا. واپاري قادر ملاح ٻڌايو ته  صبح جو دوڪان کولڻ پهتس ته دوڪان جي ڇت کليل ڏٺي ۽ سامان کنيل ڏٺو واپاري ٻيلو پوليس کي اطلاع ڪيو ٻيلو پوليس واقعي واري  جا۽ پهچي واپاري کان تفصيل ورتا ايس ايڇ او ٻيلو ٻڌايو ته جانچ ڪري چور گرفتار ڪري واپاري سان انصاف ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو