گرين اسٽار پاران هڪ ڏينهن لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي ) ابراهيم حيدري جي ريڙهي ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ گرين اسٽار پاران فري ميڊيڪل ڪيمپ  لڳائي وئي ، جنهن ۾ عورتن توڙي ٻارڙن جي هڪ وڏي انگ ۾  مفت علاج ڪيو ويو. سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ آھي اهڙن علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپ منعقد ڪرڻ بهتر عمل آھي گرين اسٽار پاران ريڙهي ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال  ۾ عورتن جي مختلف بيمارين جي هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل هيلٿ ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ حامله عورتن جي صحت، خانداني منصوبابندي، اکين، بلڊ پريشر، ذيابيطس، بريسٽ ڪينسر ۽ سِلهه جي متاثر عورتن ۽ ٻارڙن جو ماهر ڊاڪٽرن معائنو ڪيو ۽ علاج تجويز ڪيو. ڪئمپ جو افتتاح اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي ۽ گرين اسٽار جي سي اي او سيد عزيزالرب ڪيو ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي گرين اسٽار جي سي اِي او سيد عزيزالرب چيو ته سندس ادارو پاڪستان ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان قوم جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ گرين اسٽار خانداني منصوبابندي ۽ خاندان جي صحت واري سيڪٽر ۾ هڪ عزم سان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، ته جيئن پاڪستان جي روشن آئيندي کي يقيني بڻائي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي ۽ گرين اسٽار جي ڊائريڪٽر مھتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو ته گهر جو محور ۽ مرڪز عورت ھوندي  آهي. عورت صحتمند  ھوندي ته سڄو گھراڻو صحت مند ھوندو، ڇو ته عورت گھر جي روشني آھي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورت جي صحت واري سيڪٽر ۾ تمام گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. گرين اسٽار جي پليٽفارم تان عورت جي صحت جي حوالي سان تمام سٺو ڪم ٿي رهيو آهي, مهتاب اڪبر راشدي وڌيڪ چيو ت ريڙھي ڳوٺ سامونڊي پٽي ۽ ڪراچي جو پٺتي پيل علائقو آھي جتان جا رهواسي غربت جي زندگي گذاري رهيا آھن هتي صحت جي سهوليتن جي پڻ کوٽ آھي اهڙن علائقن ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري مريضن جي چڪاس ۽ انهن کي دوائون ڏيڻ جو ڪم عبادت مثل آھي اسين سموري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ان قسم جون ڪئمپ لڳائڻ چاهيون ٿا ۽ تمام جلد ڪراچي گڏاپ  ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪئمپ لڳايون وينديون , هن چيو ت سڀني سرندي وارن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ان قسم جون ڪئمپ لڳائي سنڌ جي ماڻھن کي صحت جون سهوليتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو