ڪراچي (رپورٽ شهزادو مستوئي)ڪراچي سنڌي قوم پرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرهه جي تقريب جناح آڊيٽوريم سٽي ڪورٽ ۾ منقعد ڪئي وئي. ڪراچي جي جناح آڊيٽوريم سٽي ڪورٽ ۾ ايشياء جي ڏاهي سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرهه ملهائي وئي تقريب ۾ سياسي سماجي ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر نعيم قريشي هائي ڪورٽ بار صدر بيرسٽر صلاح الدين احمد ۽ ٻين چيو ته 1940 ۾ پاڪستان کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ سائين جي ايم سيد جو اهم ڪردار ادا ڪيو سنڌي قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ قومپرستي جو بنياد وڌو افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سائين جي ايم سيد جنهن پاڪستان لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرايو اڄ هنن قومي اڳوڻن کي ملڪ غداري جا لقب ڏنا ويا هنن چيو ته پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ڏسل واٽ جي ابتڙ هلايو پيو وڃي ملڪ مالي بحران جي ور چڙهيل آهي غلط حڪمرانن جي ناڪس پاليسي سبب صوبن جا حق غضب ڪيا پيا وڃن صوبن کي جيستائين پنهنجي برابري جي بنياد تي حق نه ڏنا ويندا تيستائين صوبن ۾ احساسي محرومي ختم نه ٿيندي،










