خوراڪ کاتي پاران عوام لاء سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا

ڪنڌ ڪوٽ( رپورٽ غالب بلوچ)ڪشمورضلعي انتظاميه ۽ خوراڪ کاتي  پاران ڪشمور ضلعي جي  عوام جي سهولت لاء شهر اندر سستي  اٽي جا اسٽال لڳايا  ويا آهن جنهن مان عوام وڌ کان وڌ فائدو وٺي. اهڙا اسٽال سٽي پارڪ ڪنڌڪوٽ گهنٽا گهر ڪنڌڪوٽ  الحافظ پئٽرول پئمپ ڪنڌڪوٽ مين روڊ غوث پور سٽي  ڪشمور سٽي ديره موڙ چوڪ بڊاني شهر ٽائون ڪاميٽي بخشاپور تنگواني شهر ۽ ٽائون ڪاميٽي ڪرمپور ۾ لڳائي وينديون جنهن مان عوام وڌ کان وڌ فائدو وٺي. اسٽالن ۾ اٽي جو اگھ 41.43 روپيه مقرر ڪيو ويو آھي  ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر  چيو ته اسان  جي اولين ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏجي هن دوڪاندارن ۽ واپارين کي هدايت ڪئي ته هو روزانه استعمال ٿيندڙ شين جي مقرر ٿيل اگهن جي لسٽ مناسب جاءِ تي لڳائين ۽ ان مطابق  شيون وڪڻن . روز مره شيون ذخيرو ڪندڙن خلاف  قانون مجب ڪاروائي ڪئي ويندي  ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور  اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ ريٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جا  اچانڪ دورا ڪن ۽  وڌيڪ منافعو وٺندڙن  خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو