جعلي اڪائونٽ ڪيس، مراد شاهه خلاف ريفرنس داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب، جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف ريفرنس داخل  ڪري ڇڏيو، مراد علي شاهه تي توانائي منصوبن ۾ اختيارين جو غلط استعمال ۽ غير قانوني فنڊز جاري ڪرڻ جو الزام، نيب راولپنڊي احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته مراد علي شاهه ضابطن جي ابتڙ فنڊز جاري ڪيا، نوري آباد پاور ڪمپني، سنڌ  ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني منصوبن ۾ اربين رپين جي ڦير ڦار ڪئي، نيب ريفرنس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، عبدالغني مجيد سميت 17 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو