هڪ سئو چونجاهه اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل

اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فواد چوڌري، علي زيدي، عامر لياقت ۽ خالد مقبول صديقي سميت 154 اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي.مالي گوشوارا جمع نه ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن 154 اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي. جن ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي انهن ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، علي زيدي، خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ۽ فهميده مرزا به شامل آهن جڏهن ته 3 سينيٽرز مصدق ملڪ، ڪامران مائيڪل ۽ شميم آفريدي جي به رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي 46، ڪي پي اسيمبلي جي 26 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي جي 6 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي انهن ۾ سردار يار محمد رند ۽ اختر لانگاهه به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو