عالمي برادري مودي کي عسڪريت پسندي کان روڪي،عمران خان

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي ۽ عالمي برادري فاشسٽ مودي سرڪار کي جنگي سرگرمين ۾ ملوث ٿيڻ کان روڪي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته”مون 2019 ۾ گڏيل قومن ۾ پنهنجي تقرير دوران هندستاني وحشت کي بي نقاب ڪيو ، دنيا کي ٻڌايو ته فاشسٽ مودي سرڪار بالاڪوٽ واقعي کي چونڊ نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيئن استعمال ڪيو ،“ وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو.هن چيو ته تازو هڪ ڀارتي صحافي جي واٽس ايٽ چيٽ تان مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا جو بدنامي ڳٺ جوڑ بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ، مودي اليڪشن کٽڻ لاءِ خطرناڪ فوجي جٿو ٺاهيو جنهن سڄي خطي کي غير مستحڪم ڪري ڇڏيوهن چيو ته پاڪستان بالاکوٽ واقعي جي ذميواري ظاهر ڪئي ۽ خطي کي وڏي بحران کان بچايو ، هڪ هندستاني صحافي جي تازي گفتگو ڀارتي ميڊيا ۽ مودي سرڪار کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان جي ذميداري باوجود ، مودي سرڪار هندستان کي هڪ خطرناڪ رياست بڻائڻ تي تُلي آهي ، مودي سرڪار هندستان کي هڪ جنگجو رياست بڻائڻ ۾ رُڌل رهي ، مودي هندستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائي رهيو آهي جيڪو ٻين ملڪن لاءِ خطرناڪ آهي.وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي باهه ڀڙڪائي رهيو هو ، ڀارت خلاف 15 سالن کان عالمي سطح تي غلط خبرن واري مهم هلائي  پاڪستان کي بدنامڪرڻ جي ڪو شش ڪ.ي پر  ڀارت پاڻ  بدنام ٿيو آهي هن چيو ته جمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت انساني حقن جون ڀڃڪڙيون پڻ بي نقاب ٿيون  آهن ۽ اسان جي حڪومت مودي سرڪار جي فڪر کي اجاگر ڪندي رهندي.هن چيو ته عالمي برادري مودي سرڪار کي جنگجو ايجنڊا جي پيروي ڪرڻ کان روڪي ، ڀارت خطي کي هڪ تڪرار جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، جنهن کي خطو برداشت نه ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو