مونيڪا جي قتل خلاف يوٿ ڪميٽي پاران احتجاج

مٺياڻي (ن سنڌيار)پير جو ڳوٺ ويجهو 7 سالا معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ کي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي طرفان اڄ 13 جنوري صبح 11 بجي سائين جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن ۾ شهرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن، صحافين، سول سوسائٽي جي ميمبرن، استادن، ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ انھن جو چوڻ ھو ته آخر ڇو رڳو اسان جي سنڌ ۾ واقعا پيا ٿين ڇو اسان جي سنڌ ۾ ظلم پيو ٿئي. ڇو اسان جي سنڌ جون ڪورٽون اھڙن ٻگڙن کي جلد آزاد ٿيون ڪن. انھن وزير اعظم عمران خان سنڌ حڪومت ۽ پاڪ فوج کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد کان جلد انھن بگھڙن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاهي ڏني وڃي ته جيئن سنڌ ۾ اھڙا واقعا پيش ئي نه اچن. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو