بجلي هڪ روپيو ڇهه پئسا في يونٽ مهانگي،نيپرا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوتو)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽينيپرا بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 6 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نوٽيفڪيشن موجب بجلي آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي ان جو لاڳو صرف جنوري جي مهيني وارن بلن تي هوندو.ياد رهي ته ان کان اڳ ڊسمبر 2020 ۾ به بجلي 1 روپيو 11 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته ماضي ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي نيپرا مهانگي بجلي پيدا ٿيڻ جو انڪشاف ڪندي سفارش ڪئي هئي ته پراڻن پاور پلانٽن کي بند ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو