ڪراچي ۾ مقرر انڊونيشين قونصل جنرل فوت ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ انڊونيشيا جو قونصل جنرل توتوڪ پرياناموتو انتقال ڪري ويو.انڊونيشيا جي سفارتخاني قونصل جنرل توتوڪ پرياناموتو جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.سفارتي ذريعن موجب انڊونيشين قونصل جنرل دل جي عارضي ۾ مبتلا هو.هن کي سيني ۾ تڪليف درد جي ڪري هڪ هفتو اڳ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ، پر هن جي حالت خراب ٿي وئي.قونصل جنرل 3 سالن کان ڪراچي ۾ مقرر هو قونصل جنرل جو لاش مرده خان منتقل ڪيو ويو.سفارتي ذريعن موجب لاش اين او سي جاري ٿيڻ کانپوءِ انڊونيشيا منتقل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو