ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سعودي عرب ڪورونا جي ٻي لهر سبب پرڏيهي پروازن تيڪڳل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن پي آءِ اي ترجمان چيو ته اڄ کان پي آءِ اي جي سڀني اڏامن جي ذريعي مسافر سعودي عرب جو سفر ڪري سگهندا.پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته سعودي سول ايوي ايشن اٿارٽي پڻ پرڏيهي پروازن تي پابندي لاڳو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيسن جاري ڪيو آهي. ان کان پهريان ، مسافر رڳو سعودي عرب کان پاڪستان اچي سگهندا هئا پر انهن کي سعودي عرب وڃڻ جي اجازت نه هئي.پي آءِ اي ترجمان چيو آهي ته سڀني مسافرن جي سفر ڪرڻ کان پهريان ڪورونا پي سي آر ٽيسٽ ڪليئر هجڻ ضروري آهي










