گلستان جوھر ۾ ڦر دوران نوجوان گوليون لڳڻ سبب فوت

گلستان جوھر ۾ ڦر دوران نوجوان گوليون لڳڻ سبب فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوھر بلاڪ سورنھن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڊپارٽمينٽل اسٽور جو ڪيشئر عاطف علي گوليون لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول ڇائنجي ويو.جڏھن ته جوابدارن جي سي سي ٽي وي فوٽيج آن لائن انڊس نيوز حاصل ڪري ورتي آھي، جنھن ۾ ٻن جوابدارن کي موٽرسائيڪل تي سوار ٿيندي ڏسي سگھجي ٿو، جن ڊپارٽمينٽل اسٽور جي ڪيشئر عاطف کي قتل ڪرڻ کانپوءِ با آساني فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ٻئي طرف مقتول عاطف جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو