صحافين لاءِ چين، ترڪي، مصر ۽ سعودي بدترين جيلر قرار

نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ)هلندڙ سال دنيا ۾ صحافتي آزادي ۽ صحافين جي آزادنه طريقي سان ڪم ڪرڻ لاءِ مشڪل سال رهيو. ڪووڊ 19 جي باوجود دنيا ۾ 274 صحافين کي قيد ڪيو ويو. اهڙو اظهار صحافين جي تحفظ جي عالمي تنظيم ‘ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس’ يعني سي پي جي، جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جوئل سائمن جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي وبا دوران ايڏي وڏي تعداد ۾ صحافين کي قيد ڪرڻ صدمي جوڳو عمل آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چين، ترڪي، مصر، سعودي عرب صحافين لاءِ بدترين جيلرز آهن. سڀني کان وڌي صحافين کي هن سالقيد ڪرڻ ۾ ايٿوپيا ۽ بيلاروس آهن، ايٿوپيا ۾ جتي بيچيني هٿياربند مرحلي ۾ داخل ٿي ۽ بيلاروس جي فراڊ اليڪشن ۾ صدر پاڻ کي ڪامياب قرار ڏنو. سي پي جي چيو آهي ته هن وقت آمريڪا ۾ ڪو به صحافي قيد ۾ ته ناهي پر 110 صحافين کي پوليس خلاف مظاهرن دوران گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا، 12 صحافين تي هن وقت به ڪيس هلي ٿو. دنيا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ‘ڪوڙي خبر’ واري هٿ ٺوڪي الزام هيٺ دنيا ۾ صحافين کي قيد ڪيو ويو. ياد رهي ته هن رپورٽ م پهرين ڊسمبر تائين جي حاصل ڪيل ڊيٽا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو