لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي ميان نواز شريف چيو ته لاهور وارن سان زندگي ڀر جو تعلق آهي، مون پاڪستان کي ستين ايٽمي قوت بڻايو، هن چيو ته مهانگائي سبب عوام جي کيسي تي لڳل ڌاڙي واري رقم عمران خان جي اي ٽي ايم ۾ وڃي ٿي. اڌ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هلي وئي آهي، ڪنهن کان پڇون؟هن چيو ته 30 ارب ۾ ميٽرو ٺاهيندڙ شهباز جيل ۾ آهي، 100 ارب واري بي آر ٽي وار ٻاهر آهن. عاصم سليم باجوا ۽ عليما خان اربين روپين جي ملڪيت ڪيئن ٺاهي، ڪنهن کان پڇون ته فارين فنڊنگ ڪيس ڇو گم آهي؟ ڪنهن کان پڇون؟ نواز شريف عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون ۽ عليما خان ثاقب نثار جي اين آر او تي جيئرا آهيو، تو کان اين آر او ڪير ٿو گهري؟ڪنهن کان پڇون ته پاڪستان دنيا ۾ ڇو اڪيلو ٿي ويو آهي، چئو ٿا نالو نه وٺو ته پوءِ ٻڌايو ته ڪير ذميوار آهي؟ ڇا عمران ذميوار آهي يا عوام جو ووٽ چوري ڪري عمران کي آڻڻ وارا ذميوار آهن. 22 ڪروڙ عوام کي تباهه ڪيو ويو، معيشت برباد ڪريو ٿا ۽ چئو ٿا نالو نه وٺ، آئين اوهين ٽوڙيو ۽ نالو واپڊا وارن جو وٺان؟ جسٽس صديقي کي ڪنهن هٽايو، چند آئين شڪن جرنيلن کي منهنجي ڳالهه نٿي و؟ي نه وڻي، عوام کي حق حڪمراني ڏياريندس، منهنجو بيانيو قائد اعظم، آ؟ين ۽ حلف جي پاسداري جو بيانيو آهي، سياست کان پري رهو، ايجنسين ۾ سياسي انجنيئرنگ جون فيڪٽريون بند ڪريو، فوج ڪي تڪراري نه بڻايو، ذاتي مفادن لاءِ فوج استعمال نه ڪريو. جڏهن اوهان آئين ٽوڙيندا، حلف جي خلاف ورزي ڪندا، 10 10 سال اقتداري تي قبضو ڪندا، سياستدانن کي جيل ۾ وجهو ٿا، وار گيم بدران سياسي گيم ٿا کيڏو، جڏهن سياستدانن کي عبرت جو نشانو بڻائيندا ته عوام سوال پڇندو. انهن سوالن جو جواب اهو ناهي ته نالو ڇو ٿا کڻو، جڏهن هڪ جرنيل هڪ جج جي گهر ٿو وڃي ته نواز ۽ مريم کي ناهي ڇڏڻو، ان جرنيل جو نالو سامهون آيوته اوهان ڪهڙي ڪاروائي ڪئي، اوهان ته هنن کي ترقي ڏني، جذبات ۾ اچي آءِ جي کي اغوا ڪندڙن کي ڇا سزا ملي، ڇا اهڙن واقعن سان فوج جو وقار بلند ٿيو آهي. مان جرنيلن جو نالو ان ڪري وٺندو آهيان ته پاڪ فوج تي ڪو حرف نه اچي، قوم لاءِ قرباني ڏيندڙ فوج کي ڪهڙي خبر ته هڪ جرنيل جج کا ڇا چيو؟ فوج کي ڪهڙي خبر ته هڪ جرنيل سياستدانن خلاف ڪم ٿو ڪري، هي آهن اهي ڊڪٽيٽر ۽ چهرا جيڪي فوج جي وردي کي داغدار ڪن ٿا. هن چيو ته اڄ پوري پاڪستان م ووٽ کي عزت ڏيو جي بيانيي کي پوري ملڪ ۾ عزت ملي آهي، هي جعلي سيٽ جوجاري رهڻ ملڪ کي خطري م وجهندو، ايٽمي قوت هجڻ باوجودف خطي ۾ سڀني کان پپوئتي آهيون. هي جعلي سيت آپ جاري رهيو ته ڪو به تلافي نه ڪري سگهندو. اسانجي جدوجهد فيصله ڪن مرحلي م داخل ٿئي پئي اوهان کي گهرن مان نڪڻور پوندو، پوءِ ايئن نه چئجو ته خبر نه هئي. مان نوجوانن کي چوان ٿو ته اوهان کي بزرگن جي جذبي جيان نڪرڻو پوندو. گهر ويهڻ قوم سان زيادتي هوندي، نظام بلائڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي. هن چيو ته هي ملڪ جيم ٿي ويو آهي ۽ نطام بدلائڻ بنا اڳتي نٿو وڌي سگهجي، جمهوريت کي هائيجيڪ ڪيو ويو آهي. اسانکي اهڙو نظام گهرجي جنهن ۾ رياست مٿان رياست نه هجي، ڪا به فوج پنهنجي قوم سان نٿي وڙهي سگهي، هي ڪجهه نٿا بگاڙي سگهن، هي اوهان کان ڊنل آهن، خودمختاري حاصل ڪريو، ڇا انگريزن جي آزادي کانپوءِ چند جرنيلن جي غلامي قبول ڪريون؟ هن چيو ته مان رضاڪارانه طور استعيفيٰ ڏيندڙن ۽ ساٿ نڀائيندڙن جو ٿورائتو آهيان، جڏهن مولانا فيصلو ڪيو اسين استعيفيٰ ڏينداسين. هن چيو ته غلامي جا زنجير ٽوڙڻا پوندا.










