جمهوريت پسند سياستدان مير شير باز خان مزاري فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيئر سياستدان شير باز خان مزاري 90 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هو ڊگهي عرصي کان دل جي عارضي ۾ مبتلا هو، شير باز خان مزاري جو مڙهه پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي روجهاڻ ۾ 6 ڊسمبر تي جنازي نماز بعد کيس دفنايو ويندو، هو 1970 واري چونڊ ۾ آزاد حيثيت ۾ ايم اين اي چونڊيو هو، هن بنگلاديش م فوجي ڪاروائي جي مخالفت ڪئي، 1975 کان 77 تائين قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر رهيو، ا973 جي آئين ٺاهڻ م به سندس ڪردار اهم هو. هن ايم آر ڊي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ بعد اين ڊي پي ٺاهي پر ڳچ عرصي کان هو سياست کان پري هو. مزاري آمريت مخالف ۽ جمهوريت پسند اصول پرست سياستدان هو. هو اڳوڻي وزيراعظم بلخ شير مزراي جوڀاءُ ۽ نواب اڪبر بگٽي جو ڀيڻويو هو. هو قبائلي سردارن ۾ فيصلن جي حوالي سان هڪ ڏاهو، مدبر ۽ انصاف پسند سمجهو ويندو هو. هن جي ايمانداري جا ماڻهو علائقي ۾ مثال ڏيندا هئا.وزيراعظم عمران خان، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ ٻين سياسي اڳواڻن طرفان شير باز مزاري جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو