ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر دوران سنڌ پوليس جي متاثر اهلڪارن جي انگ ۾ به تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل 247 ٽيسٽن مان 12 پوليس اهلڪارن جي ڪورونا وائرس رپورٽ هاڪاري آئي آهي جنهن کان پوءِ هينئر تائين 3753 پوليس آفيسر ۽ جوان ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن جنهن مان 3486 صحتياب ٿيا.سپرنٽينڊنٽ آف پوليس(ايس پي)، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس(ڊي ايس پي) ۽ انسپيڪٽر سميت 20 پوليس کاتي جا ملازم فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 247 پوليس جا ملازم اڃان به هن عالمي وبا سبب متاثر آهن جن مان ڪيترائي پنهنجي گهرن ۾ آئسوليٽ آهن يا مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.پوليس ذريعن موجب ڪورونا وائرس سبب متاثر مختلف عهدن تي پوليس آفيسرن مان هڪ سينئر پوليس آفيسر ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل(ڊي آءِ جي) پوليس آصف اعجاز شيخ به شامل آهي.آصف اعجاز شيخ ڪلفٽن جي هڪ خانگي اسپتال ۾ انتهائي ڳڻتي جوڳي واري وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي. جتي کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي.آصف اعجاز شيخ جي گهر ڀاتين سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسلام آباد ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جو چيمپيئن
جماعت اسلامي سنڌ جو اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي روڊ حادثي ۾ فوت
گوگل جو جيمنائي اي آءِ انجڻ آءِ فونز جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار
پاڪستان جي ڳجهي اطلاع تي افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪاروايون
آصف زرداري سان آمريڪي سفير جي ملاقات،صدر بڻجڻ تي مبارڪباد
تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت گهري ورتي
پي ٽي آءِ معيشت ٻوڙي ڇڏي، قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پون ٿا
بل گيٽس جو وزيراعظم شهباز شريف کي اهم خط
سنڌ حڪومت جون بيورو ڪريسي ۾ مقرريون ۽ تبديليون
فيض حميد جي ڀاءُ نجف جو جوڊيشل رمانڊ منظور،جيل موڪلڻ جو حڪم
آءِ ايم ايف موجب بجلي، گيس اڃا ڪيتري مهانگي ٿيندي؟: نواز شريف
شرجيل ميمڻ پاران ڪراچي ۾ وڌيڪ بسون هلائڻ جو اعلان
وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان
ڪهڙن نالن وارن کي 15 مارچ کان محطاط رهڻ گهرجي؟
اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جو ڀاءُ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار
فوج تي حملن ۾ ملوث دهشتگرد ڪمانڊر8 ساٿين سميت مارجي ويو
يوسفزئي، اسفند يار کي 15 ڪروڙ هرجاڻو ادا ڪري، حڪم
ايف آءِ اي کي شاندانه گلزار خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ جو حڪم
پي ٽي آءِ جي سمورن ڳجهن اڪائونٽن جي جاچ ٿيڻ گهرجي
پي بي 50 قلعه عبدالله ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم