واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ڪوروناوائرس سبب سڄي دنيا ۾ فوت مريضن جو تعداد 15لک آهي 24هزار ٿي ويو آهي .پرڏيهي خبر ايجنسي جي مطابق عالمي وبائي مرض کان متاثر مريضن جو تعداد 6 ڪروڙ 62 لک تائين پهچي چڪو آهي آمريڪي ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرولا ۾ 2هزرا700 کان وڌيڪ مريض ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ رڪارڊ 2لک 35 هزار ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن.عالمي وبائي مرض جي ڪري هينئر تائين هندستان ۾ 1لک34هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته متاثر ٿيل مريضن جو تعداد 91لک79هزار425 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه برطانيا ۾24 ڪلاڪن م ڪورونا سبب وڌيڪ 504 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا ۽ 16هزار500 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ان کان علاوه اٽلي ۾ عالمي وبائي مرض سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 800 مريض فوت رڪارڊ ڪيا ويا آهن جڏهن ته فوتين جو مجموعي تعداد 50هزار کان وڌي ويو آهي.
