جيڪڏهن زرداري نااهل ٿيو ته آصفه اليڪشن ۾ حصو وٺندي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري منظور حسين چيو آهي ته جيڪڏهڻ آصف زرداري نااهل ٿيو ته آصفه ڀٽو ان جي جڳهه اليڪشن وڙهندي.خانگي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آصفه ڀٽوکي گذريل ڏينهن لانچ ناهي ڪيو ويو هو اڳ ئي سياست ۾ آهي. چوڌري منظور حسين چيو ته آصفه مختصر تقرير ڪئي ڇو ته بلاول ڀٽو زرداري کي وڊيولنڪ تي تقرير ڪرڻي هئي جيڪا ٽيڪنيڪي مسئلن سبب نه ٿي سگهي.هن چيو ته آصفه اڳ ئي سياست ۾ آهي پر ان کي اڳيان اچڻ ۾ اڃان وقت لڳندو. مشهور تجزيه نگارمظهر عباس جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ملتان ۾ آصفه ڀٽو کي باقاعده لانچ ناهي ڪيو ويو اهو هڪ ٽيسٽ هو. آصفه ڀٽو کي ڏٺو پئي ويو ته هو ڪيئن تقرير ڪري ٿي.هن چيو ته اڃان ته بلاول ڀٽو کي گهڻو وقت لڳندو. بينظير جي شهادت کان پوءِ پارٽي جي پوزيشن اڳ جهڙي ناهي رهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو في الحال ڪوبه متبادل ناهي پر  هنن لاءِ وڏو مسئلو پنجاب ۾ ٻيهر واپسي آهي. مظهر عباس چيو ته ڪنهن به سياستدان جي لانچنگ پهريون اليڪشن هوندو آهي جڏهن آصفه پهريون اليڪشن وڙهندي ته اها ان جي لانچنگ هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو