انسان روڊ تي سمهن ٿا، ڪتن لاءِ شيلٽر هوم جي ڳالهه ٿا ڪريو

سکر (بيورو رپورٽ) هتي انسان رستن تي سُتا پيا هوندا آهن، توهان وري ڪُتن لاءِ شيلٽر هوم جي ڳالهه پيا ڪريو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جا رولو ڪتن جي آزار بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران وڪيل جي تجويز تي ريمارڪس، عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي مختلف ضلعن جي آفيسرز خلاف ضمانت جوڳا وارنٽ جاري، رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ايس ايس پيز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، عدالت پوليس ۽ ٻين اختيارين طرفان پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي چيو ته جِن آفيسرز خلاف ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، اُنهن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو