سپريم ڪورٽ پاران وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو) ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت عدالتي حڪمن تي عمل ڇو نه ڪيو؟ سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ريلوي ۾ خساري بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ڪي سي آر تي ڪم ٻن مهينن اندر مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، اوور هيڊ برج ٺهڻيون هيون، ايف ڊبليو او ڪم شروع ڇو ناهي ڪيو؟ جنهن تي ايف ڊبليو او جي ڊي جي عدالت کي ٻڌايو ته اسين ڊزائن ٺٺاهي سنڌ حڪومت کي ڏني هئي هنن اڃا اها منظور ناهي ڪئي. جنهن تي عدالت چيو ته هلو! سنڌ جي وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪريون ٿا، عدالت ڪيس تي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪندي سنڌ جي وڏي وزير کي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو