ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )ڪشمور ۾ شھرين پشاور کان ڪراچي طرف ھلندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جي بحالي لاءِ مسافرن ۽ شھرين ڪشمور ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪري وفاقي وزير شيخ رشيد خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته شيخ رشيد ڪشمور واسين سان واعدا وفا نه ڪيا2 سال اڳ ڪشمور ريلوي اسٽيشن تي شيخ رشيد خوشحال خان خٽڪ ۽ چلتن ايڪسپريس بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو اڃان تائين پورو نه ٿيو آهي. ڪشمور ۾ شھرين ريلوي اسٽيشن تي وفاقي وزير شيخ رشيد خلاف ڪشمور ريلوي اسٽيشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد 2 سال اڳ سنڌ جي دوري دوران ڪشمور ريلوي اسٽيشن تي پهچي اعلان ڪيو هو ته پشاور کان ڪراچي تائين خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جلد بحال ڪندس ۽ ڪوئيٽا کان چلتن ايڪسپريس کي به بحال ڪيو ويندو پر وفاقي وزير شيخ رشيد جا واعدا اڃان تائين وفا ناھن ٿي سگهيا ھن محل تائين ڪا به مسافر ريل گاڏي جيڪب آباد ڪشمور ڪنڌڪوٽ طرف ٽريڪ تي نٿي ھلي جنهن ڪري ڪشمور ضلعي جو عوام ريل جي سفري سھولتن کان محروم بڻيل آهي ڪشمور جي شھرين وفاقي وزير شيخ رشيد وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ڪندي چيو ته خوشحال خان خٽڪ ريل گاڏي بحال ڪري عوام کي ريل جون سفري سھولتون مهياڪيون وڃن ٻي صورت پر امن احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل