فوج سياست ۾ مداخلت ڪندي ته نالو کڻي تنقيد ڪبي، مولانا

پشاور (خصوصي رپورٽ) پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ يعني پي ڊي ايم جي پساور واري جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فوج دفاعي ادارو آهي اسين ان جو احترام ڪريون ٿا پر فوج سياست ۾ مداخلت ڪندي ته تنقيد به ڪنداسين ۽ نالو به وٺنداسين. هن چيو ته فوج کي مهلت ڏيون ٿا هو هن ناجائز حڪومت کان پاڻ کي پري ڪري، پشت پناهي ختم ڪري اسانجو ساٿ ڏئي ته اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون. هن چيو ته موجودو حڪومت ملڪي معيشت ڪمزور ڪئي آهي، اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته معاشي واڌ جي شرح 0.4 سيڪڙو آهي جيڪا 1951 واري سطح تي آهي. هن چيو ته ڪمزور معيشت مضبوط دفاع وارن ملڪن کي به تباهه ڪندي آهي سوويت يونين جو مثال سامهون آهي. هن چيو ته ووٽ چوري ڪري هن حڪومت کي آندو ويو آهي ۽ پي ڊي ايم جي سڀني سياسي جماعتن فيصلو ڪيو آهي ته هن ناجائز، غير قانوني حڪومت ۽ سندس پشت پناهي ڪندڙن کي اقتدار مان ڪڍڻو آهي، اسانجو سفر ٿورو بچو آهي عوام ساٿ جاري رکي جلد هنن جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته اسين جنگ جو اعلان ڪيو آهي هاڻي پوئتي هٽڻ گناهه آهي. اسان کي خبر آهي ته هي حڪومت ڌانڏلي سان آندي وئي آهي، ڌانڌلي ڪندڙن جي به خبر آهي ۽ جيڪي نامعلوم آهن اهي به معلوم آهن. مولانا اڳ ۾ ايترو کلي فوج کي مخاطب نه ڪندو هو پر هن جلسي ۾ واضح پيغام ڏنو ته سياست ۾ فوج جي مداخلت قبول نه ڪنداسين. هن نواز شريف جي والده، علامه خادم رضوي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيٺ وقار احمد جي وفات تي سندن مغفرت لاءِ دعا به گهري. هن چيو ته عمران حڪومت ڪشمير جو سودو ڪيو، فاٽا ۽ گلگت جو حدون تبديل پيو ڪري. اهو هن کي مينڊيٽ ناهي. ياد رهي ته پشاور جلسي جي حڪومت اجازت نه ڏني هئي ۽ چيو ته ان سان ڪورونا ڦهلجي ٿو. اپوزيشن سندن فيصلو رد ڪندي جلسو ڪيو. جلسي کان اڳ سڀ ليڊر بلور هائوس تي گڏ ٿيا جتي مانجهاندو ڪري 3 وڳي جلسي گاهه پهتا.

پهنجو تبصرو موڪليو