حڪومت جون ڌمڪيون، پي ڊي ايم جو اجلاس طلب

حڪومت جون ڌمڪيون، پي ڊي ايم جو اجلاس طلب

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم جو اجلاس 8 نومبر تي طلب، جي يوآءِ جو به اجلاس 10 نومبر تي طلب ڪيو ويو آھي. جي يوآءِ ف ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو اجلاس 8 نومبر تي طلب ڪيو آھي جيڪو نواز ليگ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ ن ليگ سربراهه ميان نواز شريف ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪرڻ جو امڪان آھي، اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت خلاف تحريڪ کي موثر بنائڻ جي حوالي سان غور ٿيندو، حڪومتي اپائن ۽ تنقيد خلاف موثر حڪمت عملي جوڙڻ بابت به غور ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو