فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي ٽائيگر فورس بنائڻ نه ڏينداسين، بلاول

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گيس کان سون تائين سڀ وسيلا بلوچستان وٽ آهن پوءِ به بلوچ عوام غريب آهي، هن چيو ته غربت اوهانجو مقدر ناهي،هن چيو ته آمريت بلوچ نوجوانن کي اغوا ڪري چچريل لاش ڏنا، مشرف اڪبر بگٽي کي قتل ڪيو، شهيد بي بي جي قاتلن جو سهولتڪار بڻيو، هن چيو ته اڄ ملڪ جي اپوزيشن جون پارٽيون هڪ پيج تي آهن، ٻين کي به ان پيج تي اچڻو پوندو. هن چيو ته زرداري بلوچن سان ٿيل ظلمن تي معافي ورتي هئي ۽ آغاز حقوق بلوچستان جو پيڪيج به ڏنو جيڪو هلڻ نه ڏنو ويو. اڄ بلوچستان سان ظلم جاري آهي، اسين اين ايف سي ۾ بلوچستان جي فنڊز ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ گارنٽي ڏني پر اڄ ان جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي.

Screen Shot

هن چيو ته سيپيڪ پٺتي پيل علائقن لاءِ ۽ ملڪي خوشحالي لاءِ هو، اهو صدر زرداري چار سال تائين ڳالهيون ڪري حاصل ڪيو هو، هن چيو ته اڄ جيڪي ان کي گيم چينجر چون ٿا انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته اهو بلوچستان ۽ گلگت کانسواءِ ڪجهه ناهي. اڄ گوادر ۽ گلگت وارا چون ٿا انهن کي سيپيڪ جو فائدو ڇو نٿو ملي، انهن کي ترجيع ڏيڻي پوندي. ٿرڪول منصوبي ۾ 71 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو، 20 سيڪڙو باقي سنڌ صوبي ۽ 9 سيڪڙو ٻين علائقن لاءِ ڪوٽا رکي، اهو ترقي جو پيمانو آهي. انفارمولي کي سيپيڪ ۾ فالو ڪرڻو پوندو، تڏهن عوام کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته عمران سيپيڪ کي ناڪام ۽ تباهه پيو ڪري، هن بلوچستان لاءِ ڪجهه ناهي ڏنو، هو ٻيٽ کسڻ ٿو چاهي،  عمران تباهي آهي تبديلي ناهي، تاريخ جي وڏي ۾ وڏي غربت ۽ بي روزگاري هن ڏني آهي ۽ هن جي سهولتڪارن ڏني آهي. اڄ ڪوئٽا ۾ تندور وارا به احتجاج ٿا ڪن، ٽماٽر 200 روپيا ڪلو ٿي ويا آهن، اٽو مهانگو آهي. شگر ۽ دمي جي دوا مهانگي ٿي وئي آهي.هن چيو ته هي ظلم برداشت نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته لاپته ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، سڄي ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. هن چيو ته نيب جو چيئرمين لاپته ماڻهن جي بازيابي واري ڪميشن جو سربراهه آهي، ڇا هو سنڌ، بلوچستان، ڪي پي جي لاپته ماڻهن کي ڪيئن انصاف ملندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ نيب کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ادارو قرار ڏنو آهي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ لاپته ماڻهن جو ڪيس روزانو جي بنياد تي ٻڌندي، ڀٽو قتل ڪيس، بگٽي قتل ڪيس ۽ بينظير قتل ڪيس روزانو ٻڌندي، اميد آهي ته عدليه آئين، قانون ۽ عوام جو سات ڏيندي، افسوس آهي ته ماضي ۾ عدليه آمرن جو ساٿ ڏنو پر پوءِ به اسانکي اميد آهي ته عدليه انصاف ڪندي. عمران هر اداري کي ٽائيگر فورس ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته ڪراچي م مريم شريف سان ڇا ٿيو، عمران سنڌ پوليس، رينجرز، آءِ ايس آءِ کي به هو ٽائيگر فورس ٺاهڻ چاهي ٿو. ڪالهه ڪوئٽا ۾ ڇا ٿيو، محسن داوڙ کي اجازت نه ملي، ڇا هڪ صوبي مان ٻئي صوبي ۾ ويزا تي وڃڻو پوندو. عمران عدليه ۽ فوج کي به ٽائيگر فورس ۾ تبديل ڪرڻ ٿو چاهي، هي ادارا پاڪستان جي عوام جا آهن ڪنهن فرد جا نه آهن، اسين فوج کي ٽائيگر فورس بنائڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته دنيا جي ڪا طاقت اسانجو رستو نٿي روڪي سگهي ڇو ته عوام اسان سان گڏ آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو