برياني واري کي ڌمڪيون ڏيندڙ اهلڪار معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) کارادر ۾ برياني جي دوڪان واري کي هٿيارن جي زور تي ڌمڪيون ڏيندڙ پوليس اهلڪار کي معطل ڪيو ويو آهي. هڪ اهلڪار جي ويڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ هو وردي واري شرٽ لاهي پسٽل کڻي برياني وڪرو ڪندڙ شخص کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هو پوليس آفيسرن کي به بد شد ڳالهائي پيو. ميڊيا تي سندس ڪلپ هلڻ بعد عابد نالي برياني واري ٿاڻي تي درخواست ڏني جنهن تي اي ايس پي سٽي ڪاروائي ڪندي اهلڪار کي معطل ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو