نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ اهم رڪارڊ قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ خيبرپختونخواهه کٽي ورتو آهي پر هن ڪپ جي 33 ميچز دوران ڪيترائي رڪارڊ ٺهيا آهن. 6 ٽيمن هي ميچ ملتان ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيا. ڪورونا وائرس سبب بنا تماسائن جي خالي اسٽيڊيمز ۾ ميچز ٿيون.خيبر پختونخواهه ۽ ناردرن پنجاب جون ٽيمون اهم رانديگرن تي مشتمل هيون ۽ ٽيم سليڪشن تي هر ڪو حيران آهي. سڀني ميچز ۾ مجموعي طور 8.93 جي رن ريٽ سان اسڪورنگ ٿي جيڪا ماضي  جي 8.34 کان ڪافي بهتر آهي.راندين دوران 15 ڀيرا ٻه سئو پلس جو گڏيل اسڪور ٺاهيو ويو. خيبرپختونخواهه جي فخرزمان 420 رنسون ٺاهي بهترين بيٽسمين ۽ شاهين آفريدي 20 وڪيٽن سان گڏ بهترين بالر ۽ محمد رضوان کي بهترين وڪيٽ ڪيپر قرار ڏنو ويو. ڏکڻ پنجاب جي خوشدل شاهه صرف 35 بالن تي تيز ترين سينچري سان گڏ ئي سڀني کان وڌيڪ 25 ڇڪا به لڳايا. هن ٽورنامنيٽ ۾ پهريون ڀيرو 150 کان وڌيڪ اسٽرائيڪ ريٽ سان 9 رانديگرن ٻه سئو کان وڌيڪ  رنسون ٺاهيون. فيلڊنگ جي لحاظ سان خراب ٽورنامنٽ هو فائنل ۾ سدرن پنجاب جي ٽيم 5 ڪيچ ڊراپ ڪيا جن مان 3 حفيظ جا ڪيچ ڊراپ ٿيا. شعيب ملڪ سڀني کان وڏي عمر وارو رانديگر هو هن فائنل ۾ حسين طلعت جو جيڪو ڪيچ پڪڙيو اهو ڪمال جو هو. عبدالله شفيق، دانش عزيز ۽ خوشدل شاهه بهترين بيٽنگ ڪندي سينچريز اسڪور ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو