اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ خيبرپختونخواهه کٽي ورتو آهي پر هن ڪپ جي 33 ميچز دوران ڪيترائي رڪارڊ ٺهيا آهن. 6 ٽيمن هي ميچ ملتان ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيا. ڪورونا وائرس سبب بنا تماسائن جي خالي اسٽيڊيمز ۾ ميچز ٿيون.خيبر پختونخواهه ۽ ناردرن پنجاب جون ٽيمون اهم رانديگرن تي مشتمل هيون ۽ ٽيم سليڪشن تي هر ڪو حيران آهي. سڀني ميچز ۾ مجموعي طور 8.93 جي رن ريٽ سان اسڪورنگ ٿي جيڪا ماضي جي 8.34 کان ڪافي بهتر آهي.راندين دوران 15 ڀيرا ٻه سئو پلس جو گڏيل اسڪور ٺاهيو ويو. خيبرپختونخواهه جي فخرزمان 420 رنسون ٺاهي بهترين بيٽسمين ۽ شاهين آفريدي 20 وڪيٽن سان گڏ بهترين بالر ۽ محمد رضوان کي بهترين وڪيٽ ڪيپر قرار ڏنو ويو. ڏکڻ پنجاب جي خوشدل شاهه صرف 35 بالن تي تيز ترين سينچري سان گڏ ئي سڀني کان وڌيڪ 25 ڇڪا به لڳايا. هن ٽورنامنيٽ ۾ پهريون ڀيرو 150 کان وڌيڪ اسٽرائيڪ ريٽ سان 9 رانديگرن ٻه سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون. فيلڊنگ جي لحاظ سان خراب ٽورنامنٽ هو فائنل ۾ سدرن پنجاب جي ٽيم 5 ڪيچ ڊراپ ڪيا جن مان 3 حفيظ جا ڪيچ ڊراپ ٿيا. شعيب ملڪ سڀني کان وڏي عمر وارو رانديگر هو هن فائنل ۾ حسين طلعت جو جيڪو ڪيچ پڪڙيو اهو ڪمال جو هو. عبدالله شفيق، دانش عزيز ۽ خوشدل شاهه بهترين بيٽنگ ڪندي سينچريز اسڪور ڪيون.
انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف
ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، ڳولا جاري
لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو
ٻٽي شهريت رکندڙ نگران وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا پڌرا ڪرڻ جو حڪم
نثار کهڙو بپلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي سنڌ جو چيئرمين،منظوري
جون 2025ع تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو وڃائي ويهندو: آئي ايف ايف
يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي ڌمڪي وارو پيغام وصول
نائب وزيراعظم ڊار ۽ امير مقام جو ڪرغزستان جو دورو اوچتو ملتوي
سنڌ دشمن منصوبن خلاف لڳل بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي
هيٽ ويوو سبب ميٽرڪ جا امتحان ملتوي
ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا معطل
افغانستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 70 ڄڻا فوت، ڪيترائي لاپتا
ڪي پي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو
اين اي 148 ملتان ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ عمل ختم،ڳڻپ جاري
بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان
عشرت العباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو
گرمي جي شدت ۾ واڌ، گيسٽرو ۽ معدي جي بيمارين ۾ واڌ
ڪوهلي پي ايس ايل ۾ اچي يا ٽيم ۾ سان گڏ ڀليڪار ڪندس: آفريدي
اسٽار ڪڊ جي ڪري هڪ فلم تان هٿ کنيو، راجڪمار رائو
سنڌ يار سکر 19 مئي 2024