ملڪي دفاع فوج جي ڊيوٽي آهي احسان ناهي، اچڪزئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)محمود خان اچڪزئي چيو ته هر ملڪ جي فوج جي ذميواري ملڪي سرحدن جو دفاع هوندو آهي اها سندن ڊيوٽي آهي ڪو احسان ناهي. هتي هڪ پاڳل چوي ٿو ته پاڪستان کي فوج بچائي رکيو آهي، ڇا آمريڪا يا روس کي فوج بچايو آهي،  اچڪزئي جنهن مهل فوج بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پي پي وارن لائيو فيڊ ۾ به گانا هلائي ڇڏيا. مقامي ٽي وي چينلز ته ريٽائر فوجين جي ذڪر تي به فيڊ بند پئي ڪري ڇڏي. محمود خان اچڪزئي چيو ته عاضما جهانگير جا ڪپڙا ڦاڙيا، انهن کي ڪنهن غدار چيو، جيڪو غدارن جو نالو نٿو وٺي اهو به غدار آهي. هن چيو ته عمران خان کي آڻيندڙ سندس سليڪٽر ذميوار آهي، هن چيو ته امير حيدر خان هوتي کي چيم تي اوهانجي تقرير ۾ سليڪٽڊ تي زور ڏنو اٿو ٿورو سليڪٽر تي به ڳالهايو ها ته بهتر ٿئي ها، چيائين اوهان ان بابت ڳالهايو. هن چيو ته جنگ جي ميدان ۾ اسين فوج سان گڏ هونداسين پر جيڪو آئين ٽوڙيندو ان خلاف بغاوت جو ڪيس هلائڻ جي ڳالهه ڪنداسين. هن چيو ته اڃا به وقت آهي ووٽ جي عزت ڪريو نه ته انقلاب اچي پيو بنا گولي وارو انقلاب، هن چيو ته ڪراچي تي سنڌين جو حق آهي اسين پٺاڻ دعويدار ناهيون، سنڌ پاڪستان کان اڳ به موجود هئي. هن چيو ته وزيرستان ۾ فوج ۽ عوام ۾ گڙ ٻڙ آهي، سوات ۾ به حالتون ٺيڪ ناهن. هن چيو ته بلوچستان جي آبادي پنجاب جي هڪ ضلعي برابر آهي پر وسيلا ايترا آهن جو پورو ملڪ پلجي ٿو، غريب بلوچ کي ٽي جوڙا ڪپڙن جا ناهن. هن چيو پاڪستان ۾ سڀني قوميتن ۽ زبانن جو احترام ڪريو، هن چيو ته ڪنهن کي خبر ناهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ڪير ٿو ٺاهي، هن چيو ته فوج يا ادارن سان اختلاف ناهي، اسين چاهيون ٿا ته آئين تي عمل ڪريو، آئين ڪاغذ جو ٽڪرو ناهي، داخلي ۽ خارجه پاليسي پارليمان مان ٺهي، سياست مان فوج ۽ انٽيليجنس ادارن جي مداخلت ختم ڪريو، اهو اسين نٿا چئون پر آئين ٿو چوي، هن چيو ته اهو واعدو ڪريو ته پي ڊي ايم وارا واعدو ڪريو ته جن ججن ڊڪٽيٽرن جو حلف نه کنيو انهن کي نوازيو، جن کنيو انهن ججن سن حساب ٿيڻ گهرجي. جمهوريت جي بحالي لاءِ جيل، ڪوڙا کائيندڙن يا شهيد ٿيندڙن کي جمهوريت جو هيرو ڊڪليئر ڪريو، اچڪزئي چيو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته هر ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس تي عوام قبضو ڪري کين ٻاهر ڪڍندو.

پهنجو تبصرو موڪليو