ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف سنڌ ۾ احتجاج جاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف مختلف پارٽين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ***ملير مان شهزادو مستوئي موجب سنڌ جي سامونڊي ٻيٽ ڏنگي ڀنڊاڙ تي وفاقي والار خلاف ملير ۾ شهيد رسول بخش قيصراڻي يادگار ڪميٽي، پاران گھگھر ڦاٽڪ کان اسٽيل ٽائون تائين پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي، مارچ ڪيو ويو ريلي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ۽ قيصراڻي برادري جي ماڻهن وڏي انگ شرڪت ڪئي،

Protest over Islands, Photo Sindhyar

گھگھر ڦاٽڪ کان رسول بخش قيصراڻي يادگار ڪميٽي جي صدر اياز قيصراڻي حنيف قيصراڻي پاران گھگھر کان اسٽيل ٽائون تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪيو ريلي م عوامي تحريڪ قومي عوامي تحريڪ سميت قيصراڻي برادري جي ماڻهن وڏي انگ شرڪت ڪئي، ريلي ڏهه ڪلو ميٽر کان وڌيڪ جو پيادل مارچ ڪري اسٽيل ٽائون موڙ وٽ پهچي ويا، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ اياز قيصراڻي حنيف قيصراڻي ڪيو اي ٽي اڳواڻ ڪاشف خاصخيلي علي بخش ٻرڙو فياض اتيرو عوام تحريڪ مزدور تحريڪ جي ستار گوپانگ ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن وقت تائين سنڌ صوبي کي پنهنجا حق نه ملي سگهيا آهن، جهن سبب سنڌ جا ماڻهون احساس محرومي جو شڪار ٿي رهيا آهن، ڪوئلي تيل ۽ بجلي کان هاڻي ٻيٽن تي قبضو آهي خبر ناهي اهڙن سازشن پويان ڪهڙي قوتن جا هٿ آهن ائين ٿو لڳي ڄڻ انگريزن واري دور کان به وڌيڪ بدترين حالتن مان پيا گزرون هنن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا قدرتي وسيلا صرف هڪ صوبي ڪتب آندا پيا وڃن هنن چيو ته سنڌ اندر ڪربلا وارو ماتم ڇانيل آهي جيڪو سنڌ جي وسيلن تي قابض قوتن جي خاتمي تائين جاري رهندو، هنن وڌيڪ چيو ته اڄ قانون آئين جمهوريت جي بالادستي لاءِ سچ ڳالهائڻ تي غداري لقب ڏنا پيا وڃن، آخر هي سلسلو ڪيستائين هلندو، هنن مطالبو ڪيو ته وفاق پنهنجي هوڏ تان لهي هاڻي وڌيڪ سنڌ جي وسيلن سان ڇيڙ ڇاڙ بند نه ڪئي ته ان نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪري سگهن ٿا. ***ٽنڊوباگو مان ڄام سھيل سمون موجب ‘سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور’ بدين ۾ سنڌو نواز گهانگهروجي اڳواڻي ۾ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف هزارين ماڻهن جي ريلي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گهرائي آرڊيننس رد ڪرڻ جو مطالبو، اسيمبلي اجلاس گهرائي آرڊيننس رد نه ڪرڻ تي سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٻيٽن تي قبضي ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾  بدين ۾ الله والا چؤڪ کان ايوان صحافت بدين تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ نوجوانن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا، جن تي ٻيٽن تي قبضو نامنظور، صدارتي آرڊيننس نامنظور، سنڌ جي وسيلن تي قبضو نامنظور جھڙا نعرا درج ھئا. ريلي دوران نوجوانن پرجوش نعرا هڻندي وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ريلي بدين ايوان صحافت پهچي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي، هزارين ماڻهن جي ميڙاڪي کي يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌي ماڻهن جي ملڪيت ۽ لکين مهاڻن جي جياپي جو ذريعو آهن، پ پ پ توڙي وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي واري سازش ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ ترقي جي نالي ۾ ٻئي حڪومتون سنڌ جي زمين ۽ اتي موجود سڀئي وسيلا ھڙپ ڪرڻ گھرن ٿا پر انھن کي ھاڻي آئون ٻڌائڻ چاھيان ٿي ته سنڌ جو نوجوان ھن وقت سجاڳ ٿي چڪو آهي، ۽ سنڌ جو پوڙھو پڪو توڙي سنڌ جون نياڻيون ڪنھن به صورت ۾ پنھنجي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندا. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گهرائي صدارتي آرڊيننس کي رد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته بدين جي شھرين ۽ خاص ڪري نوجوانن جو جذبو ڏسي يقين ٿي ويو آهي ته سنڌ نڌڻڪي نه آهي، سنڌ جا مالڪ اسين سنڌي سجاڳ آھيون، انڪري اسين پنهنجي وسيلن جي ڦرلٽ جي ڪنھن به صورت ۾ ڪنھن کي اجازت ڻه ڏينداسين، سوچڻ جي ڳالهه ھيء آهي ته ترقي جي نالي ۾ اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، جيڪا ھڪ گھري سازش آهي، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻن حمز علي چانڊيو، سهيل ڀٽو ۽ عمران سومرو چيو ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪندا، وفاق ترقي جي نالي ۾ صوبي جا وسيلا کسڻ چاهي ٿو، اهڙي ترقي قبول ناهي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ٻيٽن تي قبضي جي سازش خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، سنڌ ھاري پورھيت ڪائونسل جي اڳواڻ پنهل ساريو خطاب ڪندي چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاق جو قبضو صوبي جي وسيلن تي ڌاڙو ۽ لتاڙ آهي، نوان شهر اڏي اتي ڌاريا آباد ڪيا ويندا، اوھان کان پڇڻ ٿو چاهيان ته ڇا انھن ٻيٽن تي اڏجندڙ شھر ۾ ڪو بدين جو شھري گھر وٺي سگھي ٿو جيڪو گھر ڪروڙين رپين جي ماليت جو ھوندو انڪري اسان کي اھڙي ڪا به ترقي نه گھرجي جيڪا اسان کان اسان جي ڌرتي کسي، ريليءَ کي فشر فوڪ فورم جي وائيس چيئرمين  مصطفي ميراڻي، منصور گرگيز، نياز پنهور، جمن سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن جو بدين جي شھرين پاران وک وک تي گلن جي ورکا سان گڏ اجرڪون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو