حڪومت هلي به وئي ته اپوزيشن کي ڪجهه نه ملندو، قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن جيڪا راند کيڏي رهي آهي، اُن سان نظام لپيٽجي ويندو  ۽ اپوزيشن کي ڪجهه به هٿ نه ايندو. هن چيو ته جلسن ۽ ڌرڻن سان حڪومتون هٽائڻ جو طريقو درست ناهي. اهڙو اظهار هن ملتان م هڪ ڊگهي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اپوزيشن پارٽيز تي تنقيد ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته ڊسمبر کان اڳ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين، دُنيا ۾ ڪٿي روايت آهي ته رستن تي جلسن ذريعي چونڊيل حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪئي وڃي، اپوزيشن وارا فرسوده لڪير تي هلي رهيا آهن، عوام سندن ساٿ نه ڏيندو، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنهنجا پنج سال پورا ڪيا، اُن عرصي ۾ سندن ڪجهه ماڻهو عدالتي فيصلن سان متاثر ٿيا ته اُن ۾ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهو پڇي رهيا آهن ته شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو جي نالي تي ڪيترا ڀيرا ووٽ وٺندو، ڪيترا ڀيرا ساڳي فلم هلائي ماڻهن جي همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.اوهان ته سنڌ جي عوام جي سيني ۾ تير هڻي چڪا آهيو. هن بلاول کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول پُٽ ڀارتي بيانيي جو حصو نه بڻجو. شاهه محمود قريشي جي تقرير مان مايوسي جهلڪي رهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو