پي آءِ اي جا 2 اڳوڻا سينئر آفيسر ايف آءِ اي هٿان گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي آءِ اي جو اڳوڻو ايم ڊي اعجاز هارون ۽ ايڇ آر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر حنيف پٺاڻ کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري ورتو آهي. وفاقي اداري طرفان ڪراچي مان گرفتاريون ڪيون ويون، ذريعن موجب اعجاز هارون ۽ حنيف پٺاڻ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ٻنهي ڄڻن تي مالي بي قاعدگين ۽ بوگس ڀرتين جو الزام آهي، گرفتاريون ڊگهي جاچ بعد عمل ۾ آيون.

پهنجو تبصرو موڪليو