سانوري رنگ ۽ ٿولهه وارن جي حق ۾ آمنا الياس جي مهم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ فيشن انڊسٽري جي ٽاپ ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس سانوري رنگ ۽ ڀوري جسم وارن ماڻهن جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي سرگرم ٿي وئي آهي. سندس چوڻ آهي ته سانوري رنگ ۽ ٿولهه جو شڪار ماڻهن جي هميشه تذليل ڪئي وڃي ٿي، هو جتي وڃن ٿا سندن مذاق بڻايو وڃي ٿو ۽ انهن کي حقارت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ماڊل آمنا الياس چيو ته هو اهڙن ماڻهن جيڪي رنگ يا ٿولهه کي شرمندگي جو سبب سمجهن ٿا هميشه انهن لاءِ آواز اٿاريندي رهندي. هن چيو ته سانوري رنگ يا ٿولهه کي مذاق بڻائڻ ختم ڪرڻ گهرجي ان حوالي سان هن انسٽاگرام تي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي . شيئر ڪيل وڊيو ۾ اداڪارا چئي رهي آهي ته سانوري رنگ ۽ ٿولهه جو ڪو مذاق ناهي پر هي هڪ بيماري آهي ۽ منهنجي ان سان جنگ آهي، هن بيماري سان ۽ مان جيستائين جيئري آهيان ايتري دير ۾ ڪمري جو در کلي ٿو ۽ هڪ عورت آمنا کي چوي ٿي آمنا ڪو آيو آهي جنهن تي هو پڇي ٿي ڪير آيو آهي جواب ۾ عورت چوي ٿي اهو ئي ڪارو ٿلهو تنهنجو دوست آمنا جي وڊيو جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته ٻين جي رنگ ۽ جسامت جي حوالي سان اهڙا تبصرا ڪرڻ اسان جي گهرن ۾ به ٿئي ٿو ان شئي کي ختم ڪرڻ لاءِ پهريان پنهنجي گهروارن کي روڪڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو