واشنگٽن (ويب ديسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انڪار بعد صدارتي چونڊ جي اميدوارن ۾ ورچوئل بحث جو مقابلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. صدارتي چونڊ دوران اميدوارن ۾ ٻه بحث رهيل آهن. صدر ٽرمپ جي ان فيصلي تي ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن چيو ته سندس قدم شرمناڪ آهي، هن بحث ۾ شهرين پاران ٽرمپ کان سڌي طرح سوال پڇڻا هئا. اڳ ۾ ٻنهي اميدوارن ۾ ٽي وي تي ٿيل بحث دوران هنن هڪ ٻئي خلاف گار گند ڪندي گٿا لفظ استعمال ڪيا هئا.










