اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽيڪسي ڊرائيور هٿيارن جي زور تي پئسينجر عورت سان سندس بيمار پٽ سامهو ريپ ڪرڻ جو هڪ ٻيو واقعو سامهون آيو آهي. عورت راولپنڊي مان ٽيڪسي ڪرائي تي ڪري اٽڪ ۾ بيمار پٽ جو علاج ڪرائڻ وئي. واپسي تي ويراني ۾ ڊرائيور گاڏي روڪي پسٽل جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو. عورت ٻڌايو ته ٽيڪسي ڊرائيور عورت ۽ سندس پٽ کي چوڪي حميده وٽ لاهي فرار ٿي ويو. متاثره عورت ٽيڪسي جو نمبر نوٽ ڪري نصيرآباد ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي. پوليس سندس ميڊيڪل چيڪ اپ بعد ڪيس ته داخل ڪيو پر اڃا تائ.ين ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي. ياد رهي ته گذريل مهيني موٽر وي تي گاڏي جو تيل ختم ٿيڻ بعد مدد جي انتظار ۾ بيٺل عورت سان به ٻارن سامهون ريپ ڪيو ويو هو. پنجاب ۾ ريپ جا واقعا تمام وڌي ويا آهن.










