ڊاڪٽر ماها قتل ڪيس جا جوابدار ضمانت رد ٿيڻ بعد فرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊاڪٽر ماها شاهه جي ڪيس ۾ جوابدار جُنيد ۽ وقاص جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد هو وڪيل جي مدد سان هٿ ڪڙين سميت فرار ٿي ويا. پوليس چپ ڪري تماشو ڏسندي رهي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ڪراچي ڏکڻ جي عدالت ٻنهي جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي. ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ فيصلو ايندي ئي ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس اهلڪارن طرفان جوابدارن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، عدالت ملزمن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪئي ته هو فرار ٿي ويا. ڊفينس واري علائقي ۾ گرهوڙ شريف جي گادي نشين سيد آصف علي شاهه جي نياڻي ڊاڪٽر ماها شاهه جو گهر جي واش روم مان لاش مليو هو، واقعي کي آپگهات قرار ڏنو پيو وڃي، عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي. ماها شاهه جي والد چيو هو ته جنيد خان، ڊاڪٽر عرفان قريشي ۽ وقاص سميت ڪجهه با اثر وڏن گهراڻن جي ڇوڪرين کي ڦاسائي منشيات جو عادي بڻائي سندن زندگيون تباه ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر ماها جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ سبب پيدا ٿيل تڪرار بعد عدالت سندس قبر ڪشائي جو به حڪم ڏنو هو. ملزم جنيد خان کي پوليس روڪيو ته هن کيس ڌمڪي ڏيندي چيو ته هڪ لک رشوت ورتي اٿي پري هٽي وڃ. جنهن بعد هو رڪشي ۾ فرار ٿي ويو. ڊاڪٽر ماها جي والد جو چوڻ آهي ته ملزم اڄ عدالت مان فرار ٿيا آهن سڀاڻي ملڪ مان فرار ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو