لاڙ مان سدائين علم جون لاٽون ٻريون آهن، مقرر

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) سنڌ جي ناليوارن اديبن, شاعرن, ليکڪن ۽ محققن چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڙ جو علائقو علم ادب جي حوالي سان زرخير رهيو آهي هن علائقي مان هميشه علم جون لاٽون نظر اينديون آهن لاڙ ثقافتي آرٽ ڪائونسل پاران لاڙ ميوزم بدين ۾ ناليواري صحافي ۽ ليکڪ عبدالمجيد ملاح جي ڪتاب”منهنجي وقت جون اڻ وسرندڙ يادون“ ۽ رسالي  ” پيغام لاڙ “جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ليکڪ شاعر اديب ۽ محقق رسول بخش تميمي چيو ته لاڙ ۾ مولوي حاجي احمد ملاح, محمد صديق مسافر, شيخ سومار جهڙا فقير منش ماڻهو به پيدا ٿيا جن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجي علمي قلمي پورهئي ذريعي هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ناليواري مزاحمتي شاعر حافظ نظاماڻي چيو ته اسان وٽ هميشه وڏن ماڻهن جي تاريخ لکي ويندي آهي پرعبدالمجيد ملاح جي ڪتاب ۾ هر طبقي ۽ ڪردار جي ذڪر ڪتاب کي لاجواب بڻائي ڇڏيو آهي هن پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي علائقي جو حق ادا ڪيو آهي دانشور ۽ ليکڪ پروفيسر عبدالله ملاح چيو ته ڪتاب لکڻ چڱي ڳالهه آهي ڪتاب ماڻهن جي تجربي, زخمن ۽ ڪيفيت جو نتيجو آهي۔ عبدالمجيد ڪتاب لکي پاڻ کي ان صف ۾ شامل ڪري ورتو آهي۔ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ چيو ته هڪ صحافي پاران ڪتاب لکڻ اسان جي سماج لاءِ تمام ڪارائتو عمل آهي عبدالمجيد عام موضوعن کان هٽي تاريخي ڪم ڪيو آهي۔ پروفيسر شرف الدين ٽالپر چيو ته گهڻو ڪري اسان وٽ تاريخ وڏن ماڻهن جي لکي ويندي آهي پر عبدالمجيد ملاح پنهجي ڪتاب ۾ هر طبقي جي ماڻهو ۽ ڪردار سميت سياست, مذهب, ادب جي معاملي تي پاڻ نڀايو آهي۔ محقق ابوبڪر شيخ چيو ته اسان وٽ صحافي ليکڪ گهٽ ٿيندا آهن پر سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀٽ ۾  لاڙ ۾ اهڙا ليکڪ شاعر وڌيڪ آهن عملي ادبي ثقافتي ڇپائي جو ڪم به ٻين علائقن کان وڌيڪ آهي۔ تقريب کي لاڙ ميوزم جي انچارج زبير جعفراڻي مقبول چانگ,  موسيٰ جوکيو, خاڪي جاني اياز دانش, تنوير احمد آرائين, مصطفيٰ جمالي, علي عاجز, ستار جوکيو, لاڙ ثقافتي ڪائونسل جي صدر استاد الهڏنو جوڻيجو پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي غلام حسين خواجه, ادريس نهڙيو, علي عاجز ترنم ۾ شاعري ٻڌائي جڏهن ته آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ۾ فنڪارن الهڏنو جوڻيجو, فقير ذوالفقار لنڊ, پريم پياسي, ڪريم ڏنو ڪڇي سر وکيري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔

پهنجو تبصرو موڪليو