150 اهم شخصيتون پي پي ۾ شموليت لاءِ تيار

خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال) گهوٽڪي ضلعي جون اهم شخصيتون پ پ ۾ اچڻ لاءِ تيار، وزير اعلي سنڌ ۽ وزيرن جي موجودگي ۾ 21 تاريخ تي محمد بخش مهر جي رهائشگاھ تي اعلان ڪندا، خانڳڙھ ۾ تياريون زور ۽ شور سان جاري، هيليپيڊ تيار، 150 اهم شخصيتن جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو، گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ ٻه اهم شخصيتون اعلان ڪرڻ لاءِ تيار آهن انهن ۾ ر علي گوهر خان مهر جو اهم اتحادي سردار رحيم بخش خان بوزدار ۽ سردار علي گوهر مهر جو ڀائيٽو  احمد علي خان مهر شامل آهن. پي پي ۾ شامل ٿيندڙ ٻين شخيتن جو تعلق مختلف برادرين سان آهي. وزير اعلي سنڌ  مراد علي شاھ ۽ اهم وزيرن  جي موجودگي ۾ سڀ پ پ ۾ اعلان ڪنديون.. ان کان اڳ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ جي آمد جي حوالي سان خانڳڙھ ۾ تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن خانڳڙھ جي باءِ پاس تي هيليڪاپٽر لاءِ هيليپيڊ تيار ڪيو ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب سردار محمد بخش خان مهر طرفان مهر هائوس ۾ 150 اهم شخصيتن جي پروگرام جو بندوبست ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته 21 سيپٽمبر تي خانڳڙھ جي مهر هائوس ۾ پ پ سکر ڊويزن جي عهديدارن جي ميٽنگ به متوقع آهي جڏهن ته ڪيبنيٽ ميٽنگ به ٿي سگهي ٿي. بلدياتي چونڊن کان اڳ تازو پڳ ٻڌندڙ مهر گروپ جي سرواڻ علي گوهر خان مهر لاءِ وڏو سياسي ڌچڪو هوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو