ٻيلو شھر(شعيب الرحمان ميمڻ)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس سجاول ۾ گذريل پوليو مهم ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرن کي ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سجاول ڊاڪٽر شھناز خواجه طرفان ڪيش انعام ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا۔تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سجاول چيو ته پوليو ورڪر ئي آهن جن جي محنتن ۽ ڪاوشن سان پوليو جهڙي موذي مرض تي ضابطو آيو جيڪي گرمي ۽ سردي ۾ گهر گهر وڃي اسان جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ٿا آئون کين سلام پيش ڪريان ٿو۔ان موقعي تي ڊي۔ايڇ۔او سجاول چيو ته انشاءالله اهو ڏينهن پري ڪونهي جنهن ڏينهن پوليو جي بيماري جو خاتمو سجاول ۽ پوري پاڪستان مان ٿيندو۔پوليو جي روڪٿام بابت پروگرام جي ضلعي سجاول جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر انور احمد ميمڻ ٻڌايو ته پوليو جي ايندڙ قومي مهم جيڪا 21 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي جنهن لاء ضلعي سجاول ۾ 47 فڪسڊ ٽيمون 23 ٽرانزٽ ٽيمون ۽ 508 موبائيل ٽيمون جوڙيون ويون آھن،جيڪي گهر گهر وڃي پنجن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديو۔هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ مهم ۾ ضلعي جي 168379 ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا۔ان موقعي تي يونسيف جو عرفان احمد مهر ڊبليو ۔ايڇ۔او جو ڊاڪٽر تيمور ڪياني ڊاڪٽر مرتضئ مقبول کنڀاٽي اين۔آر۔ايس۔پي جي مير مرڪ واڍو،مسعود پليپوٽو يو۔سي۔فوڪل پرسن ٻيلو عبدالرزاق سهتو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔ تقريب کان بعد ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ ڊي۔ايڇ۔او سجاول جي اڳواڻي ۾ پوليو جي ايندڙ قومي مهم بابت جاڳرتا ريلي ڊي۔ايڇ۔او آفيس سجاول کان سول اسپتال سجاول تائين ڪڍي ويئي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل