يوسي جي ڪچن ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

يوسي جي ڪچن ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

ٻيلو شھر(رپورٽ:شعيب الرحمان ميمڻ)يونين ڪائونسل ٻيلو ۾ ڊيلي ويجز ملازمن طور ڪم ڪندڙ ن کي ٻن مهينن جي پگهار نه ملڻ خلاف حنيف ٻجورو ۽ منظور ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪيو. مظاهرين احتجاج ڪندي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سالن کان ڪچي ملازم طور يوسي ٻيلو ۾ ڪم ڪندا آھيون پر گذريل ٻن مهينن کان کين پگهار نه پئي ڏني وڃي هنن چيو ته اسان سخت مشڪلات کي منهن ڏئي رهيا آھيون هنن چيو ته مڪاني کاتي ۾ چيئرمين جو مدو ختم ٿيڻ بعد چارج مختيارڪارن کي ڏني وئي آھي مختيارڪار سندن پگهار نه پيا ڪن خالي آسرا پيا ڏين هنن مطالبو ڪيو ته سندن پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻئي صورتحال ۾ انتهائي قدم کنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو