‘ميهڙ مرڊر ڪيس’ جا جوابدار گرفتار ڪري رپورٽ ڏيو، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي اُم رباب جي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ ۽ ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ کي ڇنڊ پٽيندي هڪ هفتي ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس ۾ظاهر نقوي تي مشتمل بينچ خميس تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ايندڙ هفتي ٻنهي آفيسرن کي جوابدار گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. عدالت ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ ڪڍندي چيو ته پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا؟ ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته پوليس ڊائري ۾ ڏيکاريو ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇاپا هنيا؟ ڊي آءِ جي چيو ته رڪارڊ مون وٽ نه آهي، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته رڪارڊ ڇو نه کڻي آيا آهيو؟ ڇا توهان کي دعوت کائڻ لاءِ عدالت گهرايو اٿئون؟ پوليس رپورٽ ۾ اوهان رڳو ڪهاڻيون لکيون آهن، توهان اُن کان بچي نٿا سگهو، ٻڌڻي دوران اُم رباب چيو ته جنهن ايس ايڇ او پنهنجي موجودگي ۾ قتل ڪرايا، اُهو عهدي تي بحال ٿي چڪو آهي، پوليس اُن ايس ايڇ او کي جاچ ۾ به شامل ناهي ڪيو، جوابدارن جي سِر جي قيمت به اڃا تائين مقرر ناهي ٿي، عدالت هڪ هفتي لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪندي سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالتي ڪاروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اُم رباب چانڊيو چيو ته پوليس وارا صرف پيپر ورڪ ڪري اچن ٿا، سپريم ڪورٽ جو حڪم مطابق جوابدار گرفتار نٿا ڪن. ٽي سال ٿي ويا آهن ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، هن چيو ته جوابدار گهر ويٺا آهن، سنڌ کان ٻاهر ناهن نڪتا، پوليس ڪي به قدم ناهن کنيا، مون اپيل ڪئي ته سر اوهان هڪ آفيسر سسپينڊ ڪيو ته پوءِ ڏسو ڪيئن نٿا جوابدار گرفتار ٿين، سزا کانپوءِ ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه ڪندو آهي. اسان کي عدالتن تي اعتماد آهي، ايندڙ هفتي جي تاريخ ملي آهي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ، جج صاحبان مون کي انصاف ڏياريندا. ياد رهي ته يو سي چيئرمين رئيس ڪرم الله چانڊيو کي ٻن پٽن مختيار ۽ قابل سميت 17 جنوري 2018 تي گهر آڏو دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ ۾ قتل ڪيو ويو هو. پي پي ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان خان چانڊيو کي ملزم نامزد ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو