جمهوريت لاءِ سمجهوتو ٿي سگهي ٿو ڪرپشن تي نه، عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف اي ٽي ايف جي گهرجن مطابق قومي اسمبلي مان منظور ڪيل 3 بل جيڪي سينيٽ ۾ رد ڪيا ويا، انهن سميت ڪيترائي بل حڪومت ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس گهرائي منظور ڪرائي ورتا.اپوزيشن ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، حڪومت سندن غير موجودگي جو فائدو وٺندي نه صرف ڪنهن به شخص کي 6 مهينن تائين حراست ۾ رکڻ جو سيڪورٽي فورسز کي اختيار ڏيندي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ سميت مختلف قانونن ۾ ترميم جا بل منظور ڪري ورتا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ م ججن جو تعداد وڌائڻ وارو بل به منظور ڪيو ويو. اسپيڪر ضمني ايجنڊا شامل ڪندي اهي بل به منظور ڪرايا جيڪي ايجنڊا ۾ نه هئا. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اپوزيشن اڳواڻن چيو ته اسپيڪر هڪ طرفي ۽ خلاف قانون ڪاروائي هلائي ايوان جي تقدس کي نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين جو شڪريو ادا ڪندي اپوزيشن تي ڪڙي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهم قانون سازي مڪمل ٿي آهي. هن چيو ته جمهوريت لاءِ سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر ڪرپشن تي سمجهوتو نه ٿينو. هن چيو ته اسحاق ڊار جي والد جو سائيڪلن جو دوڪان هو هن جي اڄ لنڊن جي مهانگي علائقي ۾ جائيداد آهي، هن چيو ته غريب ملڪن جو پئسو مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر وڄي ٿو ان جي روڪٿام لاءِ قانون سازي ضروري هئي. ان کان اڳ اپوزيشن جو احتجاج، ايوان ۾ نو نو جا نعرا، پي پي جي نويد قمر، شيري رحمان، مسلم ليگ (ن) جو مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ ٻيا اسپيڪر جي روسٽرم جو گهيراءُ ڪري بيهي رهيا ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي اسپڪير مٿان گهوري ڇڏيون. پي پي جي شگفته جماڻي ۽ آعا رفيع جي حڪومتي ميمبرن سان جهڙپ ٿي، هٿئين پئجڻ کان اڳ ڪجهه ميمبرن وچ ۾ پئي معاملو ٽاريو، ان دوران ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا به لڳا. وزيراعظم عمران خان به ايوان ۾ موجود هو، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. وقف ملڪيتن واري قانون ۾ ترميم جو بل بابر اعواڻ پيش ڪيو جنهن جي حق ۾ 200 ۽ مخالفت ۾ 190 ووٽ آيا. اپوزيشن جي سينيٽر مشتاق احمد ترميمون پيش ڪيون جيڪي رد ڪيون ويون. هڪ موقعي تي بلاول ڀٽو ڳالهائن چاهيو ته شاهه محمود قريشي چيو ته رولز موجب جيڪو ترميم پيش ڪندو آهي اهوئي ڳالهائي سگهي ٿو، اسپيڪر ان بعد بلاول کي موقعو نه ڏنو. حڪومت جو چوڻ آهي ته وقف قانون ۾ ترميم جو مقصد غير قانوني زمينن تي قبضا ڪري مسجد، مدرسا ۽ امام باگاهون قائم ڪرڻ کي روڪڻ آهي. هن بل موجب اڳ۾ قائم ڪيل مسجدون ۽ مدرسا وفاق جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندا ۽ نئين اهڙي اداري قائم ڪرڻ کان اڳ وفاق کي درخواست ڏيڻي پوندي. ٻين بلن جي منظور ي جو عمل جاري آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪو بل منظور ڪرڻ کان اڳ عام بحث ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو