پراڻي دشمني تان ڳوٺاڻو قتل، جوابدار فرار

شهدادڪوٽ ( ڊ ر )بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي  ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو ڀرسان امير بخش ڏنگر لاڙي وٽان پراڻي تڪرار تان محمد جان ولد فقير جان ساسولي کي هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، حد جي ٿاڻي جي پوليس لاش کڻائي شهدادڪوٽ  تعلقه اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو قتل ٿيل نوجوان محمد جان حاجي مير دوست ساسولي جي ڳوٺ جو رهواسي هو جنهن جي پنهنجي برادري جي ماڻهن سان پاڻي جي واري تان تڪرار هلندڙ هو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هوڏانهن  لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو