پي سي آءِ سي جو نوٽيفڪيشن جاري، وڏو وزير سربراهه هوندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي لاءِ اعلانيل 1113 ارب روپين جي ترقياتي ڪمن جي نگراني، رابطي ۽ عملدرآمد لاءِ پرونشل ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪميٽي يعني پي سي آءِ سي جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جو سربراهه سنڌجو وڏو وزير هوندو، جنهن ۾ وفاق، سنڌ جي منصوبه بند يکاتن جا عهديدار، ڪمشنر ڪراچي، ريلوي، ڪي ايم سي، ڪينٽونمينٽ بورڊز ۽ اين ڊي ايم اي جا نمائندا  به شامل هوندا. هي ڪميٽي ترقياتي منصوبن تي عمل لاءِ رٿابندي ڪندي، منصوبن آڏو رنڊڪون ختم ڪرڻ سوڌو سمورين لاڳاپيل ڌُرين لاءِ مرڪزي فورم جو ڪردار ادا ڪندي، سنڌ سرڪار ڪراچي پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ قائم ڪميٽي جي ٽي او آرز به جاري ڪري ڇڏيا، ٽي او آرز ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي سمورن منصوبن جو رڪارڊ سنڀالڻ سان گڏ ڪم جي معيار جو به جائزو وٺندي، ضرورت پوڻ تي منصوبن تي ڪم ۾ اثرائتي اڳڀرائي لاءِ ادارن ۾ تبديلي جي به سفارش ڪري سگهي ٿي، ڪميٽي هر 15 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائي ترقياتي رٿائن تي ڪم ۾ اڳڀرائي جو جائزو به وٺندي.

پهنجو تبصرو موڪليو