نواز شريف جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي حاضري کان آجو قرار ڏيڻ بابت درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رد ڪندي سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس عامر فاروق جي عدالت مختصر فيصلو ٻڌايو. ايون فيلڊ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ مليل سزا خلاف نواز شريف جي اپيل جڏهن ته نواز شريف کي طبي بنياد تي مليل ضمانت رد ڪرڻ بابت نيب جي اپيل جي ٻڌڻي بعد عدالت 22 سيپٽمبر نواز شريف جي حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ۾ نواز شريف جي وڪيل سندس ميڊيڪل رپورٽس پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن کيس سفر کان منع ڪئي آهي ۽ سندس علاج هلندڙ آهي. عدالت پيش ڪيل ميڊيڪل رپورٽس جو جائزو وٺڻ بعد چيو ته هي ڪنسلٽنٽس جي راءِ آهي ڪنهن رجسٽرڊ اسپتال جي رپورٽ ناهي. جسٽس ڪياني چيو ته ضمانت وٺي ٻاهر ويندڙ جوابدار نه ڪنهن اسپتال ۾ داخل ٿيو  نه ئي آپرشن ڪرائي، اسانجي ضمانت وارو حڪم ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان جا پنهنجا اثر هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو